سيڙهه کينهوڙي راند

سيڙهه کينهوڙي راند: هن راند کي ’نانگيل ڦوسيل‘ راند به سڏين ٿا. هن راند ۾ ٻه ٽوليون ٿينديون آهن، جن مان هڪ ٽولي آڳ وٺندي آهي. پهريائين هڪ ٽولي ’سيڙهه يا نانگيل ڦوسيل ٺاهيندي‘ اُها هن ريت، جو هڪڙي سڄي سر اُڀي ڪري رکندا، ان جي مٿان اڌ سر جو، تنهن جي مٿان ٽڪر ٽوٽو، تنهن جي مٿان ڀتر ڀور ان مٿان ٺڪريون، ٺڪرين تي ٿڪ هڻي، مٿان سُڪل مٽي ٻرڪي ويندي آهي. اهڙيءَ ريت سيڙهه تيار ٿي ويندي آهي. ان کانپوءِ آڳ وٺندڙ سيڙهه کان ويهه ۽ آڳ ڏيندڙ سيڙهه کان پنجن وکن جي مفاصلي تي آمهون سامهون ٿي بيهندا، ان کانپوءِ آڳ وٺندڙ هڪڙو هڪڙو ٿي ڏڙهو سيڙهه کي چٽي هڻندو، جي ڏڙهو لڳو ۽ سيڙهه ڪري پئي ته آڳ وٺندڙ ٽولي جا رانديگر پيرن سان کينهوڙو ٿڏيندا پري ڌڪيندا ويندا ۽ آڳ ڏيندڙ يڪدم سيڙهه ٺاهڻ کي لڳي ويندا. سيڙهه ٺهي تيار ٿي ته واڪ ڏيندا ۽ پنهنجن همراهن کي هوڪا ڪري سجاڳ ڪندا ته سيڙهه تيار ٿي چڪي آهي. سيڙهه جي ٺهڻ جو واڪو ٻڌي آڳ کي وٺندڙ ڏڙهي کي ٿڏڻ بجاءِ اُتي ئي ڇڏي وٺي پوئتي ڀڄندا. آڳ ڏيندڙن جا ڪي همراهه جي ٿڏڻ وقت سندن پاسو جهليو پيا ويندا، سي جڏهن ٻڌندا سيڙهه تيار ٿي چڪي آهي ته يڪدم بال يا کينهوڙي کي هٿ ۾ کڻي آڳ وٺندڙن کي اهو به ڏڙهو چٽيندا هڻندا، جي ڪنهن کي ڏڙهو لڳو ته اها ٽولي ’کتي‘ ۽ پوءِ اچي آڳ ڏيندي، پوءِ جي آڳ وٺندڙ ٽولي جي سڀني همراهن جي ڏڙهي هڻڻ سان سيڙهه نه ڊٺي ته اُهي اچي آڳ ڏيندا، پر جي آڳ ڏيندڙن جو ڪنهن کي به ڏڙهو سيڙهه ٺاهڻ کانپوءِ نه لڳو، يا اهو گسائي پنهنجي پڙ تي پهچي ويا ته وري به پاڻ آڳ وٺندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو